اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس افغانستان سان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ ان مقصد جي لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ افغانستان بابت روسي فيڊريشن جي صدر جي خصوصي نمائندي ضمير ڪابلوف جو هڪ ڏينهن دورو ڪيو ۽ پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل سيڪ??يٽ??ي (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) سفير ا??مد نسيم وڙائچ سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقاتون ڪيون. هن پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي آمنه بلوچ سان ملاقات ڪئي ۽ بعد ۾ ايڊيشنل سيڪ??يٽ??ي (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) سفير ا??مد نسيم وڙائچ سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين افغانستان سان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ڌرين ان مقد جي لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.