باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ڪوپ 29 جي موقع?? تي انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ??يو ته باڪو ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏيندي موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي انتهائي شڪار ملڪن مان هڪ آهي ۽ هو موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آذربائيجان ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. وزيراعطم ??يو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي تعاون، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ?? قابل تجديد توانائي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقع?? تي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ??يو ته اسان گڏجي هڪ لچڪدار ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل مستقبل جي لاءِ ڪوشش جو عزم ڪريون ٿا.