ڪراچي-03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلائنڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪامي??بي ت?? قومي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته بلائنڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪامي??بي قوم لاءِ بي پناهه فخر ۽ مسرت جو سبب آهي، رانديگرن جي محنت، لڳن ۽ ناقابل شڪست جذبي ثابت ڪيو ته ڪا به رڪاوٽ ناقابل عبور ناهي، اها ڪامي??بي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي صلاحيتن ۽ عزم جو چٽو ثبوت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان فتح مان ظاهر آهي ته پاڪستان?? قوم هر شعبي ۾ عظمت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اميد آهي ته اسان جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم مستقبل ۾ ب?? ملڪ لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون ??اصل ڪندي رهندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي خصوصي ماڻهن لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرم عمل رهندي.