رياض – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، لائيو ا??ٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تع??ون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهشن جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ٻطرفي ملاقات ٿي. وزيراعظم رياض ۾ ون واٽر سمٽ جي ڪامياب گڏيل ميزباني تي صدر ميڪرون کي مبارڪباد ڏني. موسمياتي تبديلي ۽ ترقياتي معاملن تي فرانس جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ صدر ميڪرون جي پاڪستاني عوام جي لاءِ ڀرپور ??ما??ت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪست??ن ۽ فرانس جي وچ ۾ زراعت، لائيو ا??ٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تع??ون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان فرانس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو ا??هار ڪندي مختلف شعبن بشمول سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تع??ون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فرانس کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن خاص طور تي موسمياتي موافقت ۽ قابل تجديد توانائي مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.