اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زردار?? ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪارروائي دوران 2 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ هڪ کي گرفتار ڪرڻ تي فورسز کي ساراهيو. هن ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جار?? رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پن??نجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.