اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونيورسل هيلٿ ڪ??ري?? جي لاءِ عالمي قدمن کي ساراهيندي پاڪستان پاران انهن قدمن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب يونيورسل هيلٿ ڪ??ري?? ڊي 2024ع تي پنه??جي پيغام ۾و زيراعظم چيو ته اسان ڪنهن شهري جي سماجي ۽ اقتصادي حيثيت کان هٽي ڪري سڀني جي لاءِ صحت جي سارسنڀال کي پهچ جوڳو بڻائڻ کي اخلاقي طور تي پنهنجو فرض سمجهن ٿا. هن چيو ته صحت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه اسان جي قومي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي تي ٺاهه هوندو، هي هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن کان مُنهن نٿو موڙي سگهجي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال يونيورسل هيلٿ ڪ??ري?? ڊي جو موضوع ”صحت: حڪومت جي ذميواري“ آهي، ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ ته ڪنهن شخص کي پنه??جي صحت جي سارسنڀال ۽ بنيادي ضرورتن جهڙوڪ خوراڪ، رهائش يا تعليم مان ڪنهن هڪ جي چونڊ نه ڪرڻي پوي، حڪومت جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت صحت سهولت پروگرام جهڙا قدم متعارف ڪرايا آهن، جنهن جي سربراهي قومي صحت واري وزارت ”صحت سڀني جي لاءِ“ جي عنوان سان ڪري رهي آهي. هي پروگرام جنهن کي عالمي سطح تي ڊبليو ايڇ او جهڙين ??نظيمن پاران ساراهيو پيو وڃي، معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن کي ترجيح ڏيندي لکين ??اندانن کي مفت صحت جي سهولت فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ ڳوٺاڻي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ خصوصي طور تي انتهائي ضروري زندگي بچائيندڙ دوائن تائين پهچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2030ع تائين پائيدار ترقي جي هدفن ۾ واضح ڪيل صحت بابت هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان گڏيل قومن ۽ ٻين ??المي ادارن سان اهڙو فريم ورڪ تيار ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رکنداسين ??يڪي صحت کي بطور بنيادي انساني حق ترجيح ڏين ٿا.