اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان عالمن جي معاشرتي ذميدارين جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سئنون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، خطيب فيصل مسجد ڊاڪٽر قاري ضياءُ الرحمان جمعي جي خطبي ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ عالم س??ور?? جي معاشرتي ذميدارين جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن اسلامي تاريخي حوالن جي روشني ۾ دين اسلام ۾ عالم س??ور?? جي معاشرتي ذميدارين تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ما??هن ۾ فهم دين پيدا ڪرڻ ۽ اصلاح ڪرڻ عالم س??ور?? جي ذميداري آهي، جمعو معاشري، ما??هن ۽ عوام جي اصلاح جو ڏينهن آهي، هن چيو ته اسان جو دين اسلام تمام گهڻو وسيع آهي اهو وقت، ??وم ۽ علائقي تائين محدود نه آهي، مسجدن ۽ منبر کي عوام النساس ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، عالم سڳورا سماجي مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هو مسجدن کان ٻاهر نڪرن ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪن، هن چيو ته اسان جي دين ۾ ما??هن جي اصلاح سان گڏوگڏ حقوق العباد جو نظام به ملي ٿو، ان موقعي تي ملڪ ۽ ??وم جي سلامتي، ترقي، خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي، جمعي جي نماز دوران ڪورونا وائرس جي وبا جي نئين لهر جي تناظر ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو ويو. سماجي فاصلو ۽ ماسڪ پائي نماز ادا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ما??هن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.