اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي لاءِ عوام ۾ اعتماد جو فر??غ لازمي آهي، اڌ ٽيڪس اوڳاڙيون قرضن جي ادائيگي ۾ خرچ ٿي وڃن ٿيون، ماڻهن وٽ پئسو آهي پر اسان انهن کي ٽيڪس نظام ۾ شامل نه ڪري سگهاسين، اسان کي ٽيڪس ادائيگي کي قومي فرض سمجهڻو پوندو، ٽيڪس اوڳاڙيون نه وڌايون ويون ته سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، جهڙي طرح اسان هلي ره??ا آهيون اهڙي طرح ملڪ اڳتي نه ٿو وڃي سگهي، جيستائين حڪومت تي اعتماد نه هوندو ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر آفيسرن کي خطاب ڪندي ڪيو.