اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرين ملڪ ??اٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، ج??هن ته مملڪتي وزير شهريار خان آفريدي ٻڌايو آهي ته 1097 تبليغي ۽ زائرين کي گذريل پنج ڏينهن ۾ وطن واپس آندو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ پارلياماني ??مي??ي زائرين، تبليغي جماعت ۽ ٻاهرين ملڪ ??اٿل پاڪستانين جي فوري وطن واپسي بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي افغانستان، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي