اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهايو پيو وڃي. ٽائيگر فورس ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو وڻڪاري مهم جي لاءِ جديد ٽڪينالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. وز??راعظم عمران خان ٽائيگر فورس ايپليڪيشن ۾ گرين ??يل??ي فيچر جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايپليڪيشن ۾ جيو ٽيڪنگ جي خصوصي سهولت پڻ متعارف ڪرائي وئي. وز??راعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب ايپليڪيشن ذريعي لڳايل ٻوٽن جي لائيو لوڪيشن ۽ انگ معلوم ڪري سگهجي ٿو. ٻوٽا لڳائيندڙ رضاڪار ا??پليڪيشن ذريعي پنهنجي گرين ??يل??ي اپ لوڊ ڪري سگهندا. نوجوا??ن ايپليڪيشن جو استعمال ڪندي ڪجهه ڪلاڪن دوران 16 هزار ٻوٽا لڳايا. خصوصي ايپليڪيشن پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي تعاون سان تيار ڪئي وئي. وز??راعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊيجيٽل وڻڪاري مهم شروع ٿي آهي، ڪراچي کان خيبر تائين لڳايل هڪ هڪ ٻوٽي جو لائيو رڪارڊ ستياب هوندو، اڪثر مخالف ڌر ميمبرن کي بوٽا ڳڻڻ جو شوق رهي ٿو، هن چيو ته مخالف ڌر ميمبر ا??پليڪيشن ڊائون لوڊ ڪري ??هر ويٺي ٻوٽو لڳائي سگهندا، چاهين ته تجربي طور پنهنجي ??هر ۾ ٻوٽو لڳائي لائيو اپ ڊيٽ ڏسي وٺن.