اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ٽي وي جي اسٽرڪچر ۾ نمايان تبديلي آڻي ر??يا آهيون، پروگرامز کي بهتر ڪيو پيو وڃي، جلد اهم قدمن جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن سان اسان جا اخلاقي قدر ۽ ثقافتي رنگ بهتر طريقي سان اجاگر ٿيندا، پنهنجي تهذيبي ورثي جي حفاظت ڪنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوال?? جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد خا?? جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته پي ٽي وي کي سياسي ۽ مذهبي ميڙن کي به ڪوريج ڏيڻ گهرجي.