اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، ايندڙ هفتي کان ان ??س ۾ حڪومتي حڪمت عملي تي عملدرآمد شروع ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته شين جي قيمتن ۾ اضافي جي سببن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ايندڙ هفتي ضر??رت جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا قدم کڻنداسين. هن چيو ته ان ڳالهه جو جائزو وٺڻو آهي ته شين جي پهچ ۾ واقعي گهٽتائي آهي يا ان جو سبب ذخيره اندوزي آهي، اهو به ڏ??ڻو آهي ته عالمي منڊي ۾ پام آئل، دالين ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ ڪو اضافو ٿيو.